خانبهادر خير محمد چانڊيو

خانبهادر خير محمد چانڊيو: خير محمد ولد رئيس ڏتل خان چانڊيي جا وڏا اصل دادوءَ جا رهواسي هئا، جيڪي پوءِ اتان لڏي ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان رهيا ۽ پوءِ اتان به لڏي وڃي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا، جتان خير محمد خان ۽ سندس وڏو ڀاءُ صوڀ خان تعلقي شاهبندر ۾ لاڏين جي ڀر ۾ صوڀ خان چانڊيي جي نالي سان نئون ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳا. شاهبندر جي آس پاس ۾ رئيس خير محمد خان ڪجهه زمين خريد ڪري ۽ ڪجهه سرڪاري زمين جي کڻت ڪري، پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪيو. هو يورپي آفيسرن سان لاڳاپا رکي ۽ سندن طرفداري ڪري پهرين سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريت مقرر ٿيو ۽ پوءِ ’خانصاحب‘ ۽ ’خانبهادر‘ جا لقب ماڻيائين. 1921ع کان 1937ع تائين ضلعي ڪراچيءَ جي لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو. ٻي مهاڀاري جنگ واري وقت ڪراچي ضلعي لاءِ ’نيشنل وار فرنٽ‘ جو ميمبر ٿيو. هن کي نواب غيبي خان چانڊيي پنهنجي طرفان لاڙ جي چانڊين جو سردار مقرر ڪيو. اسپتالن، اسڪولن ۽ هاسٽلن لاءِ ذاتي پئسا پڻ خرچ ڪندو هو.
هيءُ 9 جولاءِ 1954ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو